پيپلز پارٽي جي باني ذوالفقار علي ڀٽو جي 44هين ورسي ملهائي پئي وڃي

ذوالفقار علي ڀٽو

پاڪستان پيپلز پارٽي جي باني چيئرمين ۽ اڳوڻي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو جي ڦاهي کي 44 سال گذري ويا آهن.

ذوالفقار علي ڀٽو هڪ قتل ڪيس ۾ ڪوٽ لکپت جيل جي قيدي نمبر 1772 جو درجو اختيار ڪيو هو.

اهو واقعو 11 نومبر 1974ع تي لاهور ۾ پيش آيو، نواب محمد احمد هڪ مشهور قانوندان ۽ احمد رضا قصوري جو والد هو ۽ ڀٽو صاحب جو نقاد سمجهيو ويندو هو.

سندس پٽ احمد رضا قصوري سان گڏ وڃي رهيا هئا ته اڻڄاتل ماڻهن سندس ڪار تي فائرنگ ڪئي، جنهن ۾ نواب محمد احمد خان قصوري مارجي ويو، پر احمد رضا قصوري محفوظ رهيو.

هن حملي ۽ سندس والد جي موت جو ذوالفقار علي ڀٽي تي الزام مڙهيندي موقف اختيار ڪيو ته حملو سندس حڪم تي ڪيو ويو ۽ وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو خلاف قتل جي ايف آءِ آر داخل ڪرائي.

18 مارچ 1978ع تي لاهور هاءِ ڪورٽ ذوالفقار علي ڀٽي کي نواب محمد احمد جي قتل جي ڏوهه ۾ موت جي سزا ٻڌائي.

پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت دوران اهو ڪيس سردخاني ۾ رهيو، پر 5 جولاءِ 1977ع تي جڏهن مارشل لا لاڳو ٿيو ته هن ڪيس ۾ به جان آئي.

3 سيپٽمبر تي معزول وزير اعظم کي رات جي اونداهي ۾ ڪلفٽن مان گرفتار ڪيو ويو ۽ آڪٽوبر 1977ع ۾ ڪيس لوئر ڪورٽ بدران هاءِ ڪورٽ ۾ پهتو ۽ ذوالفقار علي ڀٽي کي موت جي سزا ٻڌائي وئي.

ڀٽو صاحب قانوني جنگ وڙهڻ جو فيصلو ڪيو ۽ جڏهن موت جي سزا خلاف سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪئي وئي ته اڳوڻي وزيراعظم کي لاهور جي ڪوٽ لکپت جيل مان پنڊي جيل منتقل ڪيو ويو، جتي هن زندگيءَ جا آخري 323 ڏينهن گذاريا.

ياد رهي ته اڄ 44 سالن کانپوءِ به پاڪستان پيپلز پارٽي پنهنجي اڳواڻ ۽ چيئرمين جي ڦاهي کي ”عدالتي قتل“ قرار ڏئي ٿي.

Read Previous

جسٽس فائز عيسيٰ جي فيصلي تي لارجر بينچ جوڙي وئي

Read Next

ڪنول آفتاب ۽ ذوالقرنين سڪندر عمري جي سعادت ماڻي ورتي

Most Popular