حرا خان ۽ ارسلان به دپيڪا پڊوڪون ۽ رنوير جي جوڙي مان متاثر

جيتوڻيڪ حرا خان ۽ ارسلان خان انڊسٽريءَ ۾ نوان آهن، ٻنهي پنهنجي ڪيريئر جي شروعات ماڊلنگ سان ڪئي ۽ هاڻي اداڪاري تي ڌيان ڏئي رهيا آهن.

حرا خان اڳ ۾ ئي ميري همسفر ۽ وه پاگل سي جهڙن ڪيترن ئي سٺن پروجيڪٽن ۾ تمام سٺو ڪم ڪري رهي آهي.

جوڙي جي پياري پروپوزل واري وڊيو سڄي دنيا کي حيران ڪري ڇڏيو ۽ پوءِ اسان کي سندن شادي جي تقريب ڏسڻ ۾ آئي، جيڪا تمام خوبصورت هئي ۽ هو ٻئي ڏاڍا خوش نظر آيا.

حرا ۽ ارسلان شان سحري تي مهمان هئا، جتي هنن پنهنجي ذاتي زندگي بابت ڪجهه ڄاڻ ڏني، هنن چيو ته سندن مائرون تمام گهڻو سهڪار ڪنديون آهن ۽ اهو به انڪشاف ڪيو ته اهي ٻئي ٽٽل گهرن مان آيا آهن ۽ اڪيلي مائرن پرورش ڪئي، جنهن سان هڪٻئي کي سمجهڻ ۾ آساني ٿي.

هنن پنهنجي مستقبل لاءِ پنهنجا مقصد به شيئر ڪيا، ارسلان چيو ته اهي هڪ ڏينهن دپيڪا پڊوڪون ۽ رنوير سنگهه جيان ڪامياب جوڙي بڻجڻ چاهين ٿا.

حرا چيو ته سندس زندگيءَ جو آخري مقصد اهو آهي ته پنهنجي گهر ۾ امن هجي، جتي سندن ايندڙ ٻار کي پرامن ماحول ملي.

Read Previous

ڪنول آفتاب ۽ ذوالقرنين سڪندر عمري جي سعادت ماڻي ورتي

Read Next

فنلينڊ جي شموليت نيٽو جي روس سان سرحد کي ٻيڻو ڪري ڇڏيو

Most Popular