تلهار ڀرسان ڪراچي واسي ٻن واپارين کي هرکائي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام

talhar

تلھار ( رپورٽ : موھن لال ڪوھستاني ) تلهار ۾ پوليس جي وقتائتي ڪارروائي ڪري ڦورن پاران ٻن واپارين کي هرکائي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي.

جمالي ڦڙدو وٽان ڪراچي کارادر جا رهواسي چوپائي مال جا 2 واپاري فون ذريعي گهرائي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.

هٿياربند ٻنهي واپارين شهزاد ميمڻ ۽ ابرار حسين کي اغوا ڪري ٽنڊو باگو روڊ طرف روانا ٿيا ته پوليس اطلاع تي ناڪابندي ڪئي.

پوليس جي فائرنگ سبب جوابدار ٻنهي واپارين کي ڇڏي فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا، ڪابه گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي.

Read Previous

دادو ۾ سيوا جي سڏ تي ملازمن جو مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج

Read Next

Avast Driver Program updater Safe

Most Popular