صدر سپريم ڪورٽ بل نظرثاني لاءِ پارليامينٽ ڏانهن موڪلي ڇڏيو

عارف علوي

صدر ڊاڪٽر عارف علوي سپريم ڪورٽ جو ترميمي بل ٻيهر نظرثانيءَ لاءِ اماڻي ڇڏيو، صدر چيو آهي ته هي بل پارليامينٽ جي دائري کان ٻاهر آهي.

سپريم ڪورٽ (پريڪٽس اينڊ پروسيجر) بل 2023، جنهن جو مقصد چيف جسٽس آف پاڪستان جي اختيارن کي محدود ڪرڻ آهي، پارليامينٽ جي ٻنهي ايوانن منظور ڪرڻ بعد صحيح لاءِ صدر ڏانهن موڪليو هو.

صدر آئين جي آرٽيڪل 75 تحت ترميم لاءِ بل واپس پارليامينٽ ڏانهن موڪليندي چيو ته بل پارليامينٽ جي دائري کان ٻاهر آهي، ان کي ‘رنگين قانون سازي’ جي ڪري عدالت ۾ چئلينج ڪري سگهجي ٿو.

صدر عارف علوي چيو ته مناسب سمجهان ٿو ته بل کي درستي ۽ جاچ لاءِ واپس ڪيو وڃي.

هن اهو به چيو ته آئين سپريم ڪورٽ کي اپيليٽ اختيارن واري دائرو، مشاورت، نظرثاني ۽ اصل اختيارن وارو دائرو فراهم ڪري ٿو، تجويز ڪيل بل آرٽيڪل 184 (3) تحت سپريم ڪورٽ جي اصل دائري اختيار سان تعلق رکي ٿو.

تجويز ڪيل بل جو مقصد اصل اختيارن وارو دائرو ۽ اپيل جي استعمال لاءِ ميڪانزم مهيا ڪرڻ آهي، صدر عارف علوي سوال ڪيو ته اهو واکاڻ جوڳو ٿي سگهي ٿو پر ڇا آئيني ترميم کانسواءِ ائين ٿي سگهي ٿو؟

هن وڌيڪ چيو ته اهو طئي ٿيل قانون آهي ته آئيني شقن کي عام قانون سازي ذريعي تبديل نٿو ڪري سگهجي، آئين سپريم قانون آهي، سمورن قانونن جو پيءُ آهي.

صدر وڌيڪ چيو ته آئين ڪو عام قانون نه آهي پر بنيادي اصولن جو مظهر آهي، سپريم قانون ۽ قانون ٻين قانونن کان مٿانهون آهن.

آئين جو آرٽيڪل 191 سپريم ڪورٽ کي اختيار ڏئي ٿو ته اها عدالتي ڪارروائي ۽ طريقيڪار کي منظم ڪرڻ لاءِ ضابطا ٺاهي.

Read Previous

عدالت توشا خاني ڪيس جي ٻڌڻي 11 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي

Read Next

رانديگرن جي واپسي، بابر اعظم جي ٽيم پاران نيوزيلينڊ خلاف سيريز کان اڳ پريڪٽس

Most Popular