الجزائر جي حڪومت پاران امام وليد جي اعزاز ۾ آجياڻي جي تقريب

الجزائر: الجزائر جي حڪومت تراويح جي نماز دوران ٻلي سان سٺو ورتاءُ ڪرڻ تي امام وليد محصاص جي اعزاز ۾ تقريب منعقد ڪئي.

الجزائر جي مذهبي معاملن واري وزير ڊاڪٽر يوسف بلمهدي امام وليد سان ملاقات ڪئي ۽ سندس شفقت جي واکاڻ ڪئي.

تازو ئي هڪ وڊيو وائرل ٿي هئي، جنهن ۾ تراويح جي نماز دوران هڪ ٻلي مسجد جي امام جي ڪلهن تي ويٺي هئي پر امام تلاوت جاري رکي.

وڊيو سڄي دنيا ۾ وائرل ٿي چڪي آهي ۽ سوشل ميڊيا پليٽ فارمن تي هن وقت تائين لکين ڀيرا ڏٺي وئي آهي.

مسجد جي پيش امام جو نالو وليد محصاص آهي ۽ هو الجزائر سان تعلق رکي ٿو، وڊيو جي مقبوليت کانپوءِ الجزائر جي حڪومت سندس اعزاز ۾ تقريب منعقد ڪئي.

Read Previous

Kaspersky Antivirus Assessment

Read Next

اليڪٽرڪ ڪار ٺاهيندڙ ڪمپني ٽيسلا جو چين ۾ ميگا فيڪٽري کولڻ جو اعلان

Most Popular