سينيٽ ۾ قومي ۽ چئن صوبائي اسيمبلين جون چونڊون هڪ ئي وقت ڪرائڻ جو ٺهراءُ منظور

Senate Ijlas

تحريڪ انصاف جي پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ جلد چونڊون ڪرائڻ جي مطالبي بعد سينيٽ سڄي ملڪ ۾ عام چونڊون هڪ ئي وقت ڪرائڻ جو ٺهراءُ منظور ڪري ورتو.

ٺهراءُ سينيٽر طاهر بزنجو پيش ڪيو، جيڪو اتفاق راءِ سان منظور ڪيو ويو، جڏهن ته پي ٽي آءِ سينيٽرن اجلاس مان واڪ آئوٽ ڪيو، سينيٽر مشتاق احمد رڳو مخالف ڌر جي بينچن تي موجود هو.

سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي چيو ته ٺهراءُ اتفاق راءِ سان منظور ڪيو ويو، ڇاڪاڻ ته ڪارروائي دوران مشتاق احمد ان جي مخالفت نه ڪئي.

ياد رهي ته سپريم ڪورٽ آف پاڪستان پنجاب ۾ 14 مئي تي چونڊون ڪرائڻ جو حڪم ڏنو هو، جڏهن ته ان حوالي سان پي ٽي آءِ طرفان درخواست داخل ڪئي وئي هئي.

بهرحال، حڪومت پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ وقت کان اڳ چونڊون ڪرائڻ کان بيزار آهي، جتي پي ٽي آءِ هن سال جي شروعات ۾ اسيمبليون ٽوڙي ڇڏيون هيون.

گذريل هفتي پارليامينٽ هڪ ٺهراءُ پاس ڪري ملڪ جي ٻن صوبائي اسيمبلين جون جلد چونڊون ڪرائڻ واري سپريم ڪورٽ جي حڪم کي رد ڪري ڇڏيو.

Read Previous

ڪائونٽي چيمپيئن شپ: ليسٽر شائر 389 رنسن جو جبل جيڏو ٽارگيٽ حاصل ڪري ورتو

Read Next

عمران خان جو اسلام آباد پوليس آڏو پيش نه ٿيڻ جو فيصلو

Most Popular