ڊانس ۽ آئون ٻئي هڪٻئي جا دشمن آهيون، فواد خان

پاڪستاني اسٽار فواد خان جو چوڻ آهي ته ڊانس ۽ مان هڪ ٻئي جا دشمن آهيون.

فواد خان هن وقت پنهنجي نئين فلم ”مني بيڪ گارنٽي“ جي پروموشن ۾ مصروف آهي، جيڪا عيد الفطر تي رليز ٿيڻ واري آهي.

فلم جي هڪ پروموشنل تقريب ۾ اداڪار کان پڇيو ويو ته ڇا توهان فلم ’مني بيڪ گارنٽي‘ ۾ رقص ڪندي نظر ايندا؟

ان سوال جي جواب ۾ هن چيو ته مان ڊانس نه ڪندس، مان سمجهان ٿو ته مان ۽ ڊانس هڪ ٻئي جا دشمن آهيون.

هن وڌيڪ چيو ته ’مني بيڪ گارنٽي‘ سٺي فلم آهي ۽ مون کي پوري اميد آهي ته اها فلم ناظرين کي پسند ايندي.

ياد رهي ته فواد خان ان کان اڳ بالي ووڊ فلم ”ڪپور اينڊ سنز“ جي گيتن تي رقص ڪري چڪو آهي.

واضح رهي ته پاڪستاني ٽيليويزن ۽ فلم انڊسٽري جو مشهور اداڪار فواد خان پڻ هڪ ڪامياب موسيقار رهي چڪو آهي.

Read Previous

ترقياتي فنڊ روڪي پگهارون وڌائڻ گهرجن: خورشيد شاهه

Read Next

پنجاب جي عوام کان اسان جي حمايت جو بدلو ورتو ويو : شهباز شريف

Most Popular