وفاقي ڪابينا اليڪشن فنڊز جي فراهمي جي سمري جي منظوري ڏئي ڇڏي

وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ فنڊز جي فراهمي بابت سمري جي منظوري ڏني وئي، جيڪا هاڻي قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ پيش ڪئي ويندي.

ان کان اڳ ناڻي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي اسٽيٽ بئنڪ کي پنجاب اسيمبلي جي چونڊن لاءِ فنڊز جو معاملو ناڻي واري وزارت ڏانهن موڪلڻ جي هدايت ڪئي هئي.

قومي اسيمبلي جي ناڻي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو خاص اجلاس چيئرمين قيصر احمد شيخ جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ پنجاب اسيمبلي جي چونڊن لاءِ سپريم ڪورٽ طرفان اسٽيٽ بئنڪ کي 21 ارب رپيا جاري ڪرڻ واري معاملي تي غور ڪيو ويو.

Read Previous

موري ۾ مهراڻ انجنيئرنگ فورم جو پروفيسر اجمل ساوند جي قتل ۽ سرداري نظام خلاف احتجاج

Read Next

قومي چونڊن جي ڳالهه ڪرڻي آهي ته ڪريو، صوبائي چونڊون ٿي رهنديون: فواد چوڌري

Most Popular