ڇا سپريم ڪورٽ سنڌي ڳالهائيندڙ جج لاءِ نوگو ايريا بڻجي وئي آهي؟، شرجيل ميمڻ

Sharjeel memon

سڌ سماءَ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سنڌ جي وڏي وزير بسن جا ڀاڙا وڌائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي، عيد تي ڀاڙا وڌائڻ واري ٽرانسپورٽر خلاف ايف آءِ آر داخل ڪئي ويندي.

پريس ڪانفرنس دوران شرجيل ميمڻ چيو آهي ته ٽرانسپورٽر بنا ڪنهن جواز جي ڀاڙن ۾ واڌ نٿا ڪري سگهن، ٽرانسپورٽرن کي من ماني ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي، حڪومت جي مقرر ڪيل ڀاڙن کان وڌيڪ وصول ڪندڙ ٽرانسپورٽرن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.

شرجيل انعام ميمڻ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان تي تنقيد ڪندي چيو ته هڪ آمريڪي لابي عمران خان جي حمايت ڪري رهي آهي، آمريڪا ۾ ويهي پاڪستان جي سياست ۾ مداخلت ڪئي پئي وڃي.

هنن چيو ته عمران خان به طالبان جو حامي آهي ۽ زلمي خليل زاد به طالبان جو حامي آهي، زلمي خليل زاد پاڻ به ڪرپٽ شخص آهي.

شرجيل انعام ميمڻ چيو ته عمران خان جي ڪري اڄ سپريم ڪورٽ ٻن حصن ۾ ورهائجي وئي آهي، هو پارليامينٽ يا آئين کي مڃڻ لاءِ تيار ناهي.

هن وڌيڪ چيو ته ڪڻڪ جي امدادي قيمت ۾ گهٽتائي جي پروپيگنڊا ڪئي وئي، ڪڻڪ جي امدادي قيمت ۾ گهٽتائي جي پروپيگنڊا پٺيان پي ٽي آءِ جي سوشل ميڊيا ٽيم هئي، ڪڻڪ جي خريداري جو عمل جاري آهي، ٽارگيٽ پورا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، ضلعي سطح تي ڪڻڪ ٻاهر نه وڃڻ لاءِ قدم کنيا ويا آهن.

شرجيل ميمڻ چيو ته پ پ جي سياست آئين جي بالادستي ۽ ادارن جي آزادي آهي، ٻين پارٽين کي عدالت مان رليف ملي رهيو آهي.

هن وڌيڪ چيو ته سپريم ڪورٽ ۾ هڪ به سنڌي ڳالهائيندڙ جج نظر نٿو اچي، چئن مدن ۾ هڪ به سنڌي جج مقرر ناهي ڪيو ويو، ڇا سپريم ڪورٽ سنڌي ڳالهائيندڙ جج لاءِ نو گو ايريا بڻجي وئي آهي.

شرجيل ميمڻ چيو ته ڇا سبب آهي ته سپريم ڪورٽ ۾ سنڌي جج کي پروموٽ نه ڪيو پيو وڃي، اسان وفاق جو سوچيندا آهيون، تعصب جو ناهي سوچيو.

Read Previous

واٽس ايپ پاران فيس بوڪ جهڙا فيچرز شامل ڪرڻ جي ڪوشش

Read Next

سنڌ جي داخلي رستن جي 40 ٽول پلازه تي سي سي ٽي وي ڪيمرائون لڳائڻ جي منظوري

Most Popular