آئين ۾ سوموٽو جو لفظ ئي ناهي، 3/184 سپريم ڪورٽ جو اختيار آهي: قاضي فائز عيسيٰ

Qazi Faez Isa

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ جي جج قاضي فائز عيسيٰ چيو آهي ته آئين ۾ سوموٽو جو لفظ ئي ناهي، 3/184 سپريم ڪورٽ جو اختيار آهي.

اسلام آباد ۾ آئين جي گولڊن جوبلي تقريب ۾ ”آئين پاڪستان قومي وحدت جي علامت“ جي موضوع تي خطاب ڪندي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته ڊسمبر 1971 ۾ پاڪستان اوچتو نه ٽُٽو پر ان جا ٻج پوکيا ويا هئا، منهنجي راءِ ۾ جسٽس منير پاڪستان ٽوڙڻ جو ٻج پوکيو.

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته پاڪستان ٽٽڻ جو سڀ کان وڏو سبب غلط عدالتي فيصلو هو، اسان جيڪو ڪم ڪريون ٿا، ان جا اثر صدين تائين هلندا آهن.

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ وڌيڪ چيو ته ذوالفقار علي ڀٽو کي هڪ ووٽ سان موت جي سزا ڏني وئي، توهان کي تاريخ ناهي ورجائڻي ته تاريخ مان سکو.

Read Previous

صدر علوي چيف جسٽس جي اختيارن بابت بل بنا منظوري ٻيهر واپس موڪلي ڇڏيو

Read Next

ڏوڪري ڀرسان صحافي جي ڀاءُ کان ڦر واقعي خلاف قلم ڌڻين جو ڌرڻو

Most Popular