وڏي ڀاءُ نديم خان جي پي سي بي مان برطرف تي معين خان تپي ويو

پاڪستان

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان معين خان پنهنجي وڏي ڀاءُ نديم خان کي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) مان برطرف ڪرڻ واري فيصلي تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي.

معين خان نديم خان جي برطرفي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي وزيراعظم کي ڪرڪيٽ بورڊ جا معاملا ڏسڻ جي اپيل ڪئي.

معين خان چيو آهي ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جا ڪجهه ميمبر من ماني ڪري ڪرڪيٽ کي تباهه ڪري رهيا آهن، وزيراعظم کي نوٽيس وٺڻ گهرجي، نديم خان جي ايمانداري جي سڀني کي خبر آهي.

اڳوڻي ڪپتان جو چوڻ هو ته جيڪڏهن مان پنهنجو وات کوليندس ته ڪيترن ئي ماڻهن جا نالا سامهون اچي ويندا، انهن ماڻهن جي ڪرپشن جا داستان پوري دنيا کي خبر آهي، هي اهي ئي ماڻهو آهن جيڪي بورڊ جي پئسي سان غير قانوني طريقي پنهنجي گهر جو خرچ هلائين ٿا.

معين خان چيو ته بورڊ ۾ ويٺل ماڻهو جيڪي نديم خان تي ڪرپشن جا الزام لڳائيندا آهن، اهي اصل ۾ پاڻ ئي ڪرپٽ آهن، ڪجهه ماڻهو هميشه چور دروازي ذريعي ايندا آهن ۽ پاڻ ڪرپشن جا الزام لڳائيندا آهن.

Read Previous

نيوزيلينڊ پاران چوٿين ون ڊي ۾ ٽاس کٽي پاڪستان کي بيٽنگ جي دعوت

Read Next

گرل فرينڊ ۽ بواءِ فرينڊ جي رشتي کي نٿي مڃان: سعيده امتياز

Most Popular