شبانه اعظمي دليپ ڪمار ۽ نور جهان سان گڏ هڪ تصوير شيئر ڪئي

ڀارتي فلم

ڀارتي فلم، ٽي وي ۽ ٿيٽر جي اداڪاره شبانه اعظمي سوشل ميڊيا تي ٻن ليجنڊز سان گڏ هڪ بليڪ اينڊ وائيٽ تصوير شيئر ڪئي آهي.

شبانه اعظمي، جيڪا 160 کان وڌيڪ هندي فلمن ۾ ڪم ڪري چڪي آهي، ماضي جي بليڪ اينڊ وائيٽ کي ياد ڏياري ڇڏيو آهي.

شبانه اعظمي سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي هڪ تصوير شيئر ڪئي آهي جنهن ۾ کيس ننڍي عمر ۾ ڀارتي ليجنڊ اداڪار دليپ ڪمار ۽ مشهور پاڪستاني ڳائڻي ملڪه ترنم نور جهان سان گڏ ڏسي سگهجي ٿو.

شبانه اعظمي ان تصوير جي ڪيپشن ۾ لکيو آهي ته ٻن ليجنڊ فنڪارن دليپ ڪمار ۽ نور جهان سان گڏ.

Read Previous

گرل فرينڊ ۽ بواءِ فرينڊ جي رشتي کي نٿي مڃان: سعيده امتياز

Read Next

سڄو ملڪ سپريم ڪورٽ ۽ آئين سان گڏ بيٺو آهي، اسد عمر

Most Popular