ڊپريشن شهري مسئلو آهي: نوازالدين صديقي پنهنجي بيان تي قائم

بالي ووڊ جي ورسٽائل اداڪار نواز الدين صديقي ڊپريشن بابت دلچسپ بيان ڏنو آهي جيڪو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهيو آهي.

اداڪار نواز الدين صديقي هڪ تازي انٽرويو دوران ڊپريشن کي شهري مسئلو قرار ڏنو آهي.

ڀارتي ميڊيا اين ڊي ٽي وي سان ڳالهائيندي اداڪار چيو ته هو اڃا تائين ڊپريشن بابت پنهنجي بيان تي قائم آهي.

نواز الدين صديقي چيو ته ڊپريشن رڳو شهري مسئلو آهي، سندس ڳوٺ هتان کان صرف 3 ڪلاڪن جي مفاصلي تي آهي، جيڪڏهن هو پنهنجي ڳوٺ وڃي چوي ته مون کي ڊپريشن آهي ته کيس چماٽون لڳنديون ۽ چيو ويندو ته ڪجهه ناهي هوندو.

نواز الدين صديقي وڌيڪ چيو ته هي ذهني مسئلو رڳو شهري ماڻهن جو آهي، ڊپريشن ڳوٺن ۾ نه ٿو ملي، ڊپريشن نٿو ٿئي.

هن چيو ته شهري هر ننڍي وڏي ڳالهه کي سنجيدگيءَ سان وٺن ٿا، سموريون سهولتون هئڻ باوجود به پنهنجن مسئلن کي وڌاءُ ڪندا آهن ۽ گهڻو سوچيندا آهن.

اداڪار وڌيڪ چيو ته انهن کي ڏسو جيڪي روڊن تي رهن ٿا ۽ مينهن ۾ رقص ڪن ٿا.

Read Previous

ڪنول آفتاب ۽ ذوالقرنين سير تفريح جي وڊيو شيئر ڪري ڇڏي

Read Next

مشهور ڀارتي اداڪار نتيش پانڊي لاڏاڻو ڪري ويو

Most Popular