سعودي پرو ليگ ۾ الناصر جي فتح، ڪرسٽيانو رونالڊو سجدو ڪيو

سعودي پرو ليگ ۾ النصر ڪلب جي اڳواڻي ڪندڙ پرتگالي اسٽار فٽبالر ڪرسٽيانو رونالڊو جو فيصلو ڪندڙ گول ڪرڻ بعد سجدو ڪرڻ واري وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي.

سوشل ميڊيا جي مختلف ويب سائيٽس تي وائرل ٿيل وڊيو ۾ ڪرسٽيانو رونالڊو کي پنهنجي فيصلي واري گول کانپوءِ شڪرگذاري ۾ سجدو ڪندي ڏسي سگهجي ٿو.

ياد رهي ته ان گول جي ڪري هن الشباب کي 3-2 تان شڪست ڏني، جنهن سان النصر ٽيم جي ٽائيٽل کٽڻ جون اميدون برقرار آهن.

وائرل وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته ڪرسٽيانو رونالڊو گول کان پوءِ پهريان پنهنجي ٽيم جي رانديگرن کي گلي لڳندو آهي ۽ پوءِ گوڏن ڀر ويهندو آهي ۽ پيشاني زمين تي رکي پنهنجي ٽيم جي ڪاميابي تي شڪريو ادا ڪندو آهي.

Read Previous

شاداب خان انگلش ڪائونٽي آف سسيڪس ۾ شامل ٿي ويو

Read Next

200 نوري سال جي فاصلي تي ٻه سيارا موجود آهن: ماهرين

Most Popular