بابر اعظم ۽ محمد رضوان پاران شهيدن جي يادگار تي حاضري

يوم پاڪستان جي موقعي تي جنرل هيڊڪوارٽر (جي ايڇ ڪيو) ۾ ٿيل مرڪزي تقريب ۾ بابر اعظم ۽ محمد رضوان پڻ شرڪت ڪئي.

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان ۽ وڪيٽ ڪيپر بيٽسمين شهيدن جي يادگار تي حاضري ڀري دعا ڪئي.

ان حوالي سان هڪ وڊيو پيغام ۾ بابر اعظم جو چوڻ هو ته هر پاڪستاني پنهنجي مٽيءَ سان محبت ۾ شهيد ٿيندڙن سان پيار ڪري ٿو.

بابر اعظم چيو ته پاڪستان جي عوام شهيدن جي خدمتن کي ڪڏهن به نه وساريو آهي ۽ نه ئي وساريندو.

ان کان علاوه مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ شخصيتن پڻ تقريب ۾ شرڪت ڪئي.

Read Previous

سجل علي پاران پاڪستان جي شهيدن جي مائرن سان ايڪي جو اظهار ۽ سلام پيش

Read Next

مراد راس عمران خان کان رستا ڌار ڪري ڇڏيا، اعلان ڪندي روئڻهارڪو ٿي ويو

Most Popular