سارو گنگولي جي زندگي تي ٻڌل فلم جي شوٽنگ هلندڙ سال شروع ٿيندي

ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ ڪرڪيٽ بورڊ جي اڳوڻي صدر سارو گنگولي جي زندگي تي ٻڌل فلم هلندڙ سال جي آخر ۾ پروڊڪشن شروع ڪئي ويندي.

ٻن فلمساز انڪر گارگ ۽ لو رانجن ڪالهه کولڪتا ۾ سارو گنگوليءَ سان ملاقات ڪئي هئي.

ٻنهي گنگولي جي زندگي جا ڪيترائي واقعا رڪارڊ ڪيا، اسڪرپٽ لکڻ وارو ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي.

ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب هدايتڪار پنهنجي ويجهن دوستن ۽ همراهن کي فلم ۾ دلچسپي برقرار رکڻ لاءِ چونڊي واقعا رڪارڊ ڪرائي رهيو آهي.

Read Previous

نيشنل گيمز ۾ پاڪستان آرمي گولڊ ۽ سلور ميڊل کٽي ورتو

Read Next

راحت فتح علي خان پاران ”اي وطن ڪي سجيلي جوانو“ ڳائي پاڪ فوج جي شهيدن کي ڀيٽا پيش

Most Popular