منهنجي بابر اعظم سان ڪا به ذاتي دشمني ناهي، محمد عامر

اڳوڻي فاسٽ بالر محمد عامر جو چوڻ آهي ته بابر اعظم سان منهنجي ڪا ذاتي دشمني ناهي.

محمد عامر کي ٽي 20 فارميٽ ۾ ڪپتان بابر اعظم جي ڪارڪردگيءَ تي اڪثر تنقيد ڪندي ڏٺو ويو آهي.

اڳوڻو فاسٽ بالر کان هڪ پروگرام ۾ ميزبان سوال ڪيو ته گهڻا ماڻهو سمجهن ٿا ته توهان ۽ بابر اعظم ۾ ڪا دشمني آهي، توهان ان بابت ڇا ٿا چئو؟

ان سوال جي جواب ۾ محمد عامر چيو ته جيڪي چون ٿا ته مان بابر کي پسند نٿو ڪريان ته منهنجو جواب آهي ته بابر سان منهنجي مڱڻي ٿوري ٽٽي آهي جو اهو مونکي برو لڳي ٿو.

Read Previous

ڪراچي ۾ اڄ هلڪي برسات جو امڪان

Read Next

ماهره خان پنهنجي پهرين فلم جو گيت ٻڌي جهومي پئي

Most Popular