اداڪارا ڪنول آفتاب کي نئين خوشي ملي وئي

مشهور پاڪستاني ٽڪ ٽاڪر ۽ اداڪارا ڪنول آفتاب جي انسٽاگرام اڪائونٽ تي بلو بيج ملي ويو آهي.

ٽڪ ٽاڪ تي 18.2 ملين فالوورز رکندڙ مشهور ٽڪ ٽاڪر ۽ يوٽيوب ڪنول آفتاب کي انسٽاگرام تي بليو بيج ملي ويو آهي، جنهن تي هوءَ تمام گهڻي خوش نظر اچي رهي آهي.

انسٽاگرام تي ڪنول آفتاب جا مداح کيس بليو بيج حاصل ڪرڻ تي مبارڪون ڏئي رهيا آهن جڏهن ته اداڪارا سندس اسٽوري تي سڀني جو شڪريو ادا ڪري رهي آهي.

ٻئي طرف ڪنول آفتاب جي مڙس ٽڪ ٽوڪر ذوالقرنين به پنهنجي گهرواري کي بليو بيج ملڻ تي مبارڪباد ڏني آهي.

واضح رهي ته 25 سالن جي ٽڪ ٽاڪ ڪندڙ ڪنول آفتاب جون انسٽاگرام تي 725 پوسٽون ۽ 2.8 ملين فالوورز آهن.

Read Previous

ماهره خان پنهنجي پهرين فلم جو گيت ٻڌي جهومي پئي

Read Next

فيروز خان پنهنجي ماءُ سان گڏ تصويرون شيئر ڪري ڇڏيون

Most Popular