پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جا ڪيترائي رانديگر هن سال حج تي ويندا

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جا ڪيترائي رانديگر هن سال حج تي ويندا.

ذريعن موجب ڪپتان بابر اعظم جون جي ٻئي هفتي ۾ پنهنجي والده سان گڏ حج تي روانو ٿيندو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته وڪيٽ ڪيپر ۽ بيٽسمين محمد رضوان، افتخار احمد، فهيم اشرف ۽ فخر زمان به حج تي ويندا.

ٻئي طرف اڳوڻو ڪرڪيٽر ۽ ڪوچ انضمام الحق به پنهنجي گهرواري سان گڏ حج ادا ڪندو.

Read Previous

اڪشي ڪمار جو منفرد بيگ ماڻهن جي ڌيان جو مرڪز بڻيل

Read Next

آءِ سي سي چيئرمين لاهور ۾ اڄ نجم سيٺي سان ملاقات ڪندو

Most Popular