عمران خان جي 6 ڪيسن ۾ گرفتاري روڪڻ واري حڪم ۾ واڌ

عمران خان

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ 9 مئي سانحي کانپوءِ داخل 6 ڪيسن ۾ تحريڪ انصاف جي چيئرمين ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي گرفتاري کان روڪڻ جي حڪم ۾ واڌ ڪري ڇڏي آهي.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ 9 مئي جي واقعي کانپوءِ داخل ٿيل ڪيسن ۾ عمران خان جي گرفتاري کان روڪڻ بابت درخواست تي ٻڌڻي دوران پوليس رپورٽ جمع ڪرائي ڇڏي.

پوليس رپورٽ موجب عمران خان خلاف 9 مئي کانپوءِ 6 ڪيس داخل ڪيا ويا.

سپريم ڪورٽ عمران خان جي 6 ڪيسن ۾ گرفتاري کان روڪڻ جو حڪم ڏيندي سندس 10 ڏينهن جي حفاظتي ضمانت منظور ڪري ورتي.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ عمران خان کي 10 ڏينهن اندر لاڳاپيل عدالت سان رجوع ڪرڻ جو به حڪم ڏنو آهي.

سپريم ڪورٽ حڪم ڏنو ته جيڪڏهن عدالت کي نئين ڪمپليڪس ۾ منتقل نٿو ڪيو وڃي ته ڪيس جوڊيشل ڪمپليڪس ۾ ٻڌو وڃي، جيڪڏهن عدالت کي نئين ڪمپليڪس ۾ منتقل ڪيو ويو ته ڪيس اتي ئي ٻڌو ويندو.

ڪيس ۾ ضمانت ۾ واڌ کانپوءِ عمران خان اسلام آباد هاءِ ڪورٽ روانو ٿي ويو.

Read Previous

190 ملين پائونڊ اسڪينڊل: بشرا بي بي جي ضمانت واري درخواست غير موثر قرار

Read Next

آڊيو ليڪس ڪميشن خلاف داخل درخواستن جي ٻڌڻي ملتوي

Most Popular