ڍاڪا کان ڪوالالمپور ڏانهن ويندڙ اڏام جي پينانگ ۾ ايمرجنسي لينڊنگ

بنگلاديش جي راڄڌاني ڍاڪا کان ڪوالالمپور انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي ايندڙ جهاز ۾ هنگامي صورتحال پيدا ٿي وئي، جنهن تي جهاز کي ملائيشيا ڀرسان پينانگ انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي لينڊ ڪيو ويو.

هوابازي ذريعن موجب ملائيشيا جي باٽڪ ايئر لائنز جو جهاز ڍاڪا کان 3 ڪلاڪن جو سفر ڪرڻ بعد ملائيشيا پهتو هو ۽ ٿائيلينڊ جي نار مٿان اڏام دوران بوئنگ 737 ميڪس 8 جهاز مان ريڊار کي ايمرجنسي سگنل مليا.

ايئر ٽريفڪ ڪنٽرولر سان رابطو ڪرڻ کانپوءِ جهاز کي ملائيشيا جي ويجهي ٻيٽ پينانگ انٽرنيشنل ايئرپورٽ ڏانهن موڙيو ويو.

Read Previous

آڊيو ليڪس ڪميشن خلاف داخل درخواستن جي ٻڌڻي ملتوي

Read Next

اتر ڪوريا جو جاسوس سيٽلائيٽ سمنڊ ۾ ڪري تباهه ٿي ويو

Most Popular