پرويز الاهي کي ٻيهر گرفتار ڪيو ويو

پاڪستان تحريڪ انصاف جي صدر ۽ پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي کي ٻيهر گرفتار ڪيو ويو آهي.

پرويز الاهي کي اينٽي ڪرپشن هيڊ ڪوارٽر گوجرانوالا ۾ داخل ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي.

ان کان اڳ لاهور جي عدالت چوڌري پرويز الاهي کي ڪيس مان بري ڪري ڇڏيو هو.

عدالت چيو ته پرويز الاهي ڪنهن ٻئي ڪيس ۾ گهربل ناهي ته کيس آزاد ڪيو وڃي.

جوڊيشل مئجسٽريٽ غلام مرتضيٰ ورڪ پرويز الاهي جي جسماني رمانڊ تي محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌايو.

واضح رهي ته گذريل ڏينهن پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير کي اينٽي ڪرپشن لاهور مان گرفتار ڪيو هو، جنهن کي اڄ عدالت ۾ پيش ڪيو ويو.

ان موقعي تي پرويز الاهي چيو ته مان ڪا به پريس ڪانفرنس نه ڪندس، پي ٽي آءِ ۾ آهيان ۽ رهندس.

Read Previous

برطانيه جي فنڪارن جي تنقيد کان پوءِ ميوزڪ اسٽريمنگ رائلٽي ڏيڻ جو امڪان

Read Next

شهزاد اڪبر جو ڀاءُ بازياب نه ٿيڻ تي اسلام آباد هائي ڪورٽ پاران ڪاوڙ جو اظهار

Most Popular