عثمان بوزدار جي دور ۾ مقررين ۽ بدلين بابت نيب جي جاچ جاري

قومي احتساب بيورو (نيب) پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير عثمان بوزدار جي دور ۾ ٿيل مقررين ۽ بدلين جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.

نيب ذريعن موجب سيڪريٽري سروسز عثمان بوزدار دور جو مڪمل رڪارڊ طلب ڪري ورتو آهي.

ذريعن موجب نيب عملدارن سيڪريٽري مواصلات کي 5 جون تي رڪارڊ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.

نيب ذريعن موجب عثمان بوزدار تي مقررين ۽ بدلين ۾ ڪروڙين رپيا رشوت وٺڻ جو الزام آهي.

Read Previous

جناح هائوس حملي ڪيس ۾ ڊاڪٽر ياسمين راشد کي بري

Read Next

پرويز الاهي جي جسماني رمانڊ جي درخواست تي فيصلو محفوظ

Most Popular