اڄ 14 هزار 500 ارب رپين جي بجيٽ ۾ پگهارون، پينشن ۽ گهٽ ۾ گهٽ اجرت ۾ واڌ ڪئي ويندي

اسلام آباد: 14 هزار 500 ارب رپين جي وفاقي بجيٽ اڄ پيش ڪئي پئي وڃي، جنهن ۾ پگهارن، پينشن ۽ گهٽ ۾ گهٽ اجرت ۾ واڌ ڪئي ويندي.

بجيٽ ۾ ٽيڪس وصولي جو هدف 9200 ارب رپيا رکيو ويو آهي، جڏهن ته مالياتي خسارو 7.7 سيڪڙو مقرر ڪرڻ جو امڪان آهي.

ايندڙ مالي سال لاءِ ڪل قومي ترقياتي بجيٽ 2709 ارب رپيا هوندي، آءِ ايم ايف ايندڙ مالي سال لاءِ 9200 ارب رپيا ٽيڪس وصولي جو هدف مقرر ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) ايندڙ مالي سال دوران 9200 ارب رپيا ٽيڪس وصولي جو هدف مقرر ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي.

ذريعن موجب ايندڙ مالي سال لاءِ ٽيڪس وصولي جو هدف 9200 ارب رپيا رکيو ويو آهي، بجيٽ ۾ 1600 ارب کان وڌيڪ جا ٽيڪس گڏ ڪيا ويندا، مني بجيٽ ۾ 510 ارب جا ٽيڪس لڳايا ويا آهن.

ذريعن جو چوڻ آهي ته فنانس بل ذريعي 200 ارب رپين جا نوان ٽيڪس لڳايا ويندا، مجموعي طور تي ايف بي آر هلندڙ مالي سال جي ڀيٽ ۾ ايندڙ مالي سال ۾ 1900 ارب رپيا اضافي وصول ڪندو.

وفاقي حڪومت ايندڙ مالي سال 24-2023ع جي وفاقي بجيٽ ۽ فنانس بل اڄ قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪندي، 14 هزار 500 ارب رپين جي بجيٽ ناڻي وارو وفاقي وزير اسحاق ڊار پيش ڪندو.

سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۽ پينشن ۾ سيڪڙو واڌ، گھٽ ۾ گھٽ اجرت ۾ واڌ جو امڪان آهي، ايندڙ مالي سال ۾ ٽيڪس روينيو جو هدف 9200 ارب رپيا مقرر ڪرڻ جو به امڪان آهي.

Read Previous

جهانگير ترين ۽ پرويز خٽڪ وچ ۾ ڳالهيون طئي ٿي ويون

Read Next

معاشي هدف حاصل ڪرڻ ۾ ناڪامي جو مطلب حڪومت جي ناڪامي ناهي: خواجا آصف

Most Popular