آمريڪي پرڏيهي وزير جو پاڪستاني حڪمرانن سان لاڳاپن ۾ توازن برقرار رکڻ تي زور

آمريڪي پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن پاڪستاني حڪمرانن سان لاڳاپن ۾ توازن برقرار رکڻ تي زور ڏنو آهي.

انٽوني بلنڪن 60 کان وڌيڪ آمريڪي قانون سازن جي خط جو جواب ڏنو جنهن ۾ هنن انساني حقن ۽ جمهوريت سان سمجهوتو ڪرڻ کانسواءِ پاڪستاني حڪمرانن سان متوازن ۽ خوشگوار لاڳاپا رکڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

آمريڪي پرڏيهي وزير پاڪستان ۾ سمورن اسٽيڪ هولڊرز سان رابطي جي اهميت تي به زور ڏنو ۽ رابطي سان گڏ اظهار جي آزادي ۽ سياسي شرڪت تي به اهم خدشن کي اجاگر ڪيو.

هن چيو ته هڪ خوشحال جمهوري پاڪستان جيڪو شهري حقن جو احترام ڪري ٿو، آمريڪي مفادن لاءِ اهم آهي ۽ آمريڪي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ پاڪستان جي حڪومت ۽ ٻين اسٽيڪ هولڊرز سان ويجهن لاڳاپن کي برقرار رکي ٿو.

انٽوني بلنڪن جو چوڻ آهي ته جمهوري اصولن ۽ سڀني لاءِ قانون جي حڪمراني جي حمايت ڪندي، آمريڪا اهڙي تڪرار جو پارٽي نه بڻجڻ چاهي ٿو جيڪو جلد ختم نه ٿئي.

واضح رهي ته 60 کان وڌيڪ آمريڪي قانون سازن 16 مئي تي اينٿوني بلينڪن کي خط موڪليو هو جنهن ۾ هن پاڪستان ۾ جمهوريت ۽ بنيادي انساني حقن جي تحفظ تي زور ڏنو هو.

Read Previous

حاجين پانڌيئڙن جي رهنمائي لاءِ 50 کان وڌيڪ حرم گائيڊ مقرر

Read Next

گانڌي جو ڀارت گانڌي جي قاتل جي ڀارت ۾ تبديل ٿي ويو آهي، محبوبه مفتي

Most Popular