وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته اي پاسپورٽ جي سهولت شروع ڪئي پئي وڃي.
اسلام آباد ۾ اي پاسپورٽ جي حوالي سان منعقد تقريب کي خطاب ڪندي راڻا ثناءُ الله چيو ته اها سهولت سڄي ملڪ ۾ آهستي آهستي دستياب ٿيندي.
هن چيو ته ڊجيٽل تبديليءَ سان شهرين جو وقت بچندو.