بلوچستان جي بجيٽ 16 جون تي پيش ٿيڻ جو امڪان

بلوچستان جي ايندڙ مالي سال جي بجيٽ 16 جون تي پيش ڪرڻ جو امڪان آهي.

ناڻي کاتي جي ذريعن موجب مالي سال 2023-24 جي بجيٽ جو ڪاٿو 700 ارب رپين تائين پهچڻ جو امڪان آهي، بجيٽ ۾ آمدني جو ڪاٿو 529 ارب 32 ڪروڙ رپيا آهي.

ذريعن موجب ايندڙ مالي سال جي بجيٽ خسارو 150 ارب کان وڌيڪ رهڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته ترقياتي بجيٽ 200 ارب رپين جي لڳ ڀڳ ٿي سگهي ٿي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته بجيٽ ۾ 5 هزار کان وڌيڪ نوڪريون ڏيڻ ۽ سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ 30 سيڪڙو واڌ جي تجويز شامل آهي.

ايندڙ بجيٽ ۾ بلوچستان جي پنهنجي وسيلن مان آمدني جو تخمينو 60 ارب 32 ڪروڙ رپيا آهي، اين ايف سي ايوارڊ تحت ورهايل آمدني ۽ ٻين ذريعن مان آمدني جو ڪاٿو 413 ارب رپيا آهي.

ذريعن موجب ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ تعليم لاءِ 90 ارب رپيا رکڻ جي تجويز آهي، جڏهن ته امن امان لاءِ 60 ارب رپيا ۽ صحت لاءِ 50 ارب رپيا رکڻ جي تجويز آهي.

Read Previous

اي پاسپورٽ جي سهولت شروع ڪئي پئي وڃي: راڻا ثناءُ الله

Read Next

ڪراچي جي ميئر لاءِ حافظ نعيم الرحمان نامزدگي فارم جمع ڪرائي ڇڏيا

Most Popular