حج جي تيارين جي سلسلي ۾ ڪعبي جو غلاف چاڙهيو ويو

جمعي جي شام حج جي انتظامن جي سلسلي ۾ ڪعبي جي هيٺئين حصي کي 3 ميٽر مٿي ڪيو ويو ۽ مٿئين حصي کي چئني پاسن کان اڇي سوٽي ڪپڙي سان ڍڪيو ويو.

ڪعبي جي غلاف کي مٿي ڪرڻ جي روايت صدين کان پراڻي آهي ۽ ان جي مٿئين حصي تي اڇو ڪپڙو چاڙهڻ حج ۽ حج مناسڪ جي رسمن جي علامت آهي.

ڪعبي جي غلاف جي حوالي سان اها تبديلي هر سال حج کان اڳ ڪئي ويندي آهي ۽ اها هڪ معمولي ڳالهه آهي.

عرب ميڊيا موجب ڪعبي جي غلاف کي مٿي کڻڻ وارو ڪم شاهه عبدالعزيز جي ڪسوه ڪعبة بابت ڪمپليڪس جي ماهرن جي هڪ گروپ انجام ڏنو آهي.

Read Previous

منهنجو ڪنهن به سياسي پارٽي ۾ شامل ٿيڻ جو ارادو ناهي، پرويز خٽڪ

Read Next

ڊونلڊ ٽرمپ تي جاسوسي ايڪٽ جي ڀڃڪڙي جا37 الزام

Most Popular