لاهور ۾ عمران خان ۽ ٻين اڳواڻن خلاف پوليس تي حملي جو ڪيس داخل
ڪراچي جي ميئر شپ لاءِ جماعت اسلامي جي اميدوار حافظ نعيم الرحمان جا نامزدگي ڪاغذ ڇنڊڇاڻ کانپوءِ منظور ڪيا ويا.
جماعت اسلامي جي ٻين ميئر اميدوارن سيف الدين ۽ جنيد مڪاتي جا به نامزدگي ڪاغذ منظور ڪيا ويا.
جماعت اسلامي جي ڊپٽي ميئر اميدوارن قاضي سيد صدرالدين ۽ سيف الدين جا به نامزدگي ڪاغذ منظور ڪيا ويا.
ڪراچي جي ميئر ۽ ڊپٽي ميئر جي چونڊ 15 جون تي ٿيندي.
امير جماعت اسلامي ڪراچي حافظ نعيم الرحمان ڪالهه ريجنل اليڪشن ڪميشن ۾ ميئر ڪراچي لاءِ نامزدگي فارم جمع ڪرايا.
ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي حافظ نعيم الرحمان ڪراچي ۾ شاهراهه قائدين تي احتجاج جو اعلان پڻ ڪيو.
هن چيو ته هو پيپلز پارٽي جو چهرو دنيا کي ڏيکارڻ وڃي رهيا آهن، ميئر جي چونڊ کان اڳ قانون ۾ ترميم ڪئي وئي، اسان ترميم خلاف ڪيس داخل ڪيو آهي، اسان کي يقين آهي ته عدالت ان ترميم کي رد ڪندي.