ڪراچي مال منڊي ۾ واپارين کان ڦرلٽ جون وڊيوز ۽ خبرون سوشل ميڊيا تي وائرل

ڪراچي سپر هاءِ وي تي ايشيا جي سڀ کان وڏي ڍور منڊي جو هنڌ تبديل ڪري ناردرن بائي پاس ڪيو ويو، چوپايو مال مارڪيٽ ۾ ويندڙ ماڻهن کان ڦرلٽ جون مختلف خبرون ۽ وڊيوز سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهيون آهن.

هن ڀيري ناردرن بائي پاس تي 700 ايڪڙ زمين تي چوپائي مال جي مارڪيٽ قائم ڪئي وئي آهي، مارڪيٽ ڀرسان چورين جون وڊيوز منظر عام تي آيون آهن.

جاچ ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته ڍور منڊي ۾ چوري بابت سوشل ميڊيا تي گردش ڪندڙ وڊيوز ۾ ڪا به سچائي ناهي.

هي بازار 3 پوليس اسٽيشنن، منگهو پير، سرجاني ٽائون ۽ سائيٽ سپر هاءِ وي جي حدن ۾ آهي.

Read Previous

آسٽريليا ڀارت کي شڪست ڏئي ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن بڻجي ويو

Read Next

قصور ۽ حافظ آباد ۾ 2 ڇوڪرين سان اجتماعي زيادتي

Most Popular