ڪراچي: شهيد پوليس اهلڪارن جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي

ڪراچي جي علائقي سهراب ڳوٺ ۾ شهيد ٿيندڙ 2 پوليس اهلڪارن جي جنازي نماز هيڊڪوارٽر گارڊن ۾ ادا ڪئي وئي.

پوليس اهلڪارن هيڊ ڪانسٽيبل رحمان ۽ عبدالحڪيم جي جنازي نماز ۾ آءِ جي سنڌ، ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي ۽ رينجرز جي آفيسرن شرڪت ڪئي.

جنازي نماز ۾ شهيدن جي وارثن، مائٽن ۽ دوستن به شرڪت ڪئي، پوليس جي اسپيشل فورس شهيدن کي سلامي ڏني ۽ گلن جي چادر چاڙهي.

آءِ جي سنڌ شهيدن جي وارثن سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي پوليس اهلڪارن جي جرئت ۽ بهادري کي ساراهيو.

هن چيو ته جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو ويندو.

واضح رهي ته گذريل ڏينهن سهراب گوڙ ۾ ڌاڙيلن سان مقابلي ۾ 2 پوليس اهلڪار شهيد ٿي ويا هئا.

Read Previous

قصور ۽ حافظ آباد ۾ 2 ڇوڪرين سان اجتماعي زيادتي

Read Next

اردگان سان گڏ ڪم ڪرڻ جو منتظر آهيان: شهباز شريف

Most Popular