اردگان سان گڏ ڪم ڪرڻ جو منتظر آهيان: شهباز شريف

وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته هو ترڪ صدر رجب طيب اردگان سان گڏجي ڪم ڪرڻ جو خواهشمند آهي.

هڪ انٽرويو ۾ شهباز شريف چيو ته هو هڪ ڀيرو ٻيهر رجب طيب اردگان کي وڏي ڪاميابي تي مبارڪباد پيش ڪري ٿو، ڀائراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ چاهي ٿو.

هن چيو ته هو ڪوشش ڪندا ته ايندڙ 3 سالن ۾ گڏيل واپار کي 5 ارب ڊالرن تائين پهچايون، ٻئي ملڪ هڪ آهن، ترڪي هميشه پاڪستان جو ساٿ ڏنو آهي.

شهباز شريف جو چوڻ آهي ته ٻنهي ملڪن جي حڪومت ۽ عوام ڏکئي وقت ۾ هميشه هڪ ٻئي جو ساٿ ڏنو آهي، هو ترڪ سيڙپڪارن کي شمسي توانائي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏئي ٿو ۽ هائيڊرو پاور منصوبن جي به دعوت ڏئي ٿو.

وزيراعظم چيو ته پاڪستان، ترڪي ۽ ايران وچ ۾ ريلوي نيٽ ورڪ جو منصوبو اهم ثابت ٿي سگهي ٿو، ترڪي جي ٽيڪنالاجي ۽ پاڪستان جي افرادي قوت ٻنهي ملڪن لاءِ بهترين ثابت ٿي سگهي ٿي.

سندس چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ گذريل سال آيل ٻوڏ سبب 33.3 ملين ماڻهو بي گهر ٿيا ۽ فصل تباهه ٿيا، تعميراتي عمارتن کي وڏي پيماني تي نقصان پهتو، ٻوڏ سبب 30 ارب ڊالرن جو معاشي نقصان ٿيو.

مسلم ليگ ن جي صدر چيو ته ترڪي هميشه ڪشمير ڪاز جي غير مشروط حمايت ڪئي آهي، اسان ڪجهه ٺوس قدم کنيا آهن، جنهن جي نتيجي ۾ هن سال ڪڻڪ جو بهترين فصل ٿيو آهي، اسان کي وڏي مقدار ۾ ڪڻڪ درآمد نه ڪرڻي پوندي، اميد آهي ته هن سال اسان جو ڪپهه جو فصل تمام سٺو ٿيندو، ڪپهه جي پيداوار وڌائي وڏي حد تائين پنهنجي ضرورت پوري ڪري سگهنداسين.

Read Previous

ڪراچي: شهيد پوليس اهلڪارن جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي

Read Next

بيلجيم ۾ پاڪ فوج جي حق ۾ پاڪستانين جي ريلي

Most Popular