پي آءِ اي سامونڊي طوفان بابت الرٽ جاري ڪري ڇڏيو

قومي ايئر لائن پي آءِ اي عربي سمنڊ ۾ سامونڊي طوفان بائپر جوئي جي حوالي سان الرٽ جاري ڪري ڇڏيو آهي.

ايئر لائن ذريعن موجب ڪراچي ۾ تيز برساتن دوران پروازن کي ملتان ۽ لاهور ايئرپورٽس تي لينڊ ڪيو ويندو.

سامونڊي طوفان جي حوالي سان چيف ميٽورولوجسٽ سردار سرفراز چيو آهي ته بائپر جوئي هڪ انتهائي شديد طوفان بڻجي ويو آهي، جيڪو ڪراچي کان 770 ڪلوميٽر ڏکڻ طرف آهي.

سردار سرفراز چيو ته عربي سمنڊ ۾ شديد سامونڊي طوفان بائپر جوئي شدت اختيار ڪري ويو آهي، طوفان ٺٽي کان 750 ڪلوميٽر ڏکڻ ۽ اورماڙا کان 860 ڪلوميٽر ڏکڻ اوڀر ۾ آهي.

سردار سرفراز جو چوڻ آهي ته طوفان ڀارتي نار ڪڇ ۽ ڏکڻ اوڀر سنڌ جي وچ ۾ اچي سگهي ٿو، طوفان جي اثر جو دارومدار ان جي شدت تي آهي.

Read Previous

بيلجيم ۾ پاڪ فوج جي حق ۾ پاڪستانين جي ريلي

Read Next

ويتنام ۾ ٻن پوليس اسٽيشنن تي حملا، ڪيترائي مارجي ويا

Most Popular