ويتنام ۾ ٻن پوليس اسٽيشنن تي حملا، ڪيترائي مارجي ويا

ويتنام جي ڊاڪ لڪ صوبي جي سي يو ڪوئن ضلعي ۾ 2 پوليس اسٽيشنن تي حملن ۾ ڪيترائي ماڻهو مارجي ويا ۽ زخمي ٿي پيا.

عالمي ميڊيا رپورٽن موجب ٻن پوليس اسٽيشنن تي حملا اڄ صبح ٿيا، ويٽنامي اختيارين موجب مارجي ويلن ۽ زخمين ۾ پوليس آفيسر، مقامي اهلڪار ۽ شهري شامل آهن.

ويٽنامي اختيارين جو چوڻ آهي ته ڊاڪ لڪ صوبي جي سي يو ڪوئن ضلعي ۾ پوليس اسٽيشنن تي فائرنگ ۾ ملوث 6 حملي آورن کي گرفتار ڪيو ويو آهي ۽ حملي ۾ ملوث وڌيڪ ماڻهن جي ڳولا جاري آهي.

ياد رهي ته ويٽنام ۾ جتي 2 پوليس اسٽيشنن تي حملا ڪيا ويا، اهو علائقو ڪيترن ئي اقليتن جو گهر آهي ۽ ويٽنام جي آمرانه حڪومت لاءِ حساس علائقو سمجهيو ويندو آهي.

Read Previous

پي آءِ اي سامونڊي طوفان بابت الرٽ جاري ڪري ڇڏيو

Read Next

عراق ۾ شدت پسندن جو فوجي بيرڪن تي حملو، 3 اهلڪار مارجي ويا

Most Popular