پاڪستان جي پروفيشنل باڪسر آصف هزاره جي انٽرنيشنل رينڪنگ فائٽ 16 جون تي آسٽريليا جي شهر ميلبورن ۾ ٿيندي.
ايشين باڪسنگ چيمپيئن آصف هزاره ٿائي باڪسر سيمان سان وڙهندو.
ان حوالي سان آصف هزاره چيو آهي ته هو ميلبورن ۾ ٿيندڙ انٽرنيشنل رينڪنگ فائٽ لاءِ ڀرپور تياري ڪري رهيا آهن.
آصف هزاره وڌيڪ چيو ته عالمي رينڪنگ جي جنگ کٽي ملڪ جو نالو روشن ڪندس.