شوبز انڊسٽري لاءِ بجيٽ ۾ فنڊ مختص ڪرڻ وڏو قدم آهي: عدنان صديقي

سينيئر اداڪار عدنان صديقي نئين سال جي بجيٽ ۾ شوبز انڊسٽري لاءِ 3 ارب رپيا مختص ڪرڻ کي وڏو قدم قرار ڏئي ڇڏيو آهي.

عدنان صديقي مائيڪرو بلاگنگ ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي نئين بجيٽ ۾ پهريون ڀيرو فنڪارن جي هيلٿ انشورنس ۽ فلم فنانس فنڊ لاءِ رقم مختص ڪرڻ تي خوشي جو اظهار ڪيو.

هن پنهنجي ٽوئيٽ ۾ لکيو ته کيس اهو ٻڌي خوشي ٿي آهي ته پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو فلم فنانس فنڊ ۽ فنڪارن جي هيلٿ انشورنس لاءِ فنڊ مختص ڪيا ويا آهن.

Read Previous

آصف هزاره جي انٽرنيشنل رينڪنگ فائٽ 16 جون تي آسٽريليا ۾ ٿيندي

Read Next

شاهه رخ خان جي مداحن جو نالو گينيز ورلڊ رڪارڊ ۾ شامل

Most Popular