سي پيڪ خطي جي ترقي لاءِ مددگار ثابت ٿيندو: سعودي عرب

بيجنگ: سعودي پرڏيهي وزير شهزادي فيصل بن فرحان چيو آهي ته چين 430 ارب ڊالرن سان عرب ملڪن جو سڀني کان وڏو ڀائيوار آهي. سي پيڪ خطي جي ترقي لاءِ مددگار ثابت ٿيندو.

رياض ۾ چين ۽ سعودي بزنس فورم کي خطاب ڪندي شهزادي فيصل بن فرحان چيو ته چين ۽ سعودي عرب وچ ۾ اقتصادي صنعتي، خلائي ۽ ٽيڪنيڪي شعبن ۾ تعاون کي هٿي اولين ترجيح آهي.

شهزادي فيصل بن فرحان وڌيڪ چيو ته رياض طرفان هڪ روڊ ميپ تيار ڪيو ويندو جيڪو صنعت، سائنس، مواصلات ۽ گرين ٽيڪنالاجي کي هٿي ڏيندو. هن چين سان لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ جو پڻ ارادو ظاهر ڪيو.

Read Previous

ڪيميرا جي آڏو ايندي گهٻرائي لڪي ويندي هئس، ماهنور بلوچ

Read Next

حريم شاهه جي ٽڪ ٽاڪ وڊيوز ليڪ ڪرڻ تي صندل خٽڪ گرفتار

Most Popular