ملڪ ۾ پرڏيهي ڪرنسي اڪائونٽس منجمد ڪرڻ جو ڪو ارادو ناهي: عائشه غوث پاشا

ناڻي واري مملڪتي وزير عائشه غوث پاشا چيو آهي ته ملڪ ۾ پرڏيهي ڪرنسي اڪائونٽس منجمد ڪرڻ جو ڪو ارادو ناهي.

ميڊيا سان ڳالهائيندي ناڻي واري مملڪتي وزير عائشه غوث پاشا چيو آهي ته پرڏيهي ڪرنسي اڪائونٽس منجمد ڪرڻ جي ڪا تجويز ناهي.

سندس چوڻ آهي ته هن بجيٽ جي ڊيٽا آءِ ايم ايف سان شيئر ڪري ڇڏي آهي، آءِ ايم ايف جي اسٽيٽ بئنڪ سان به ڳالهيون هلي رهيون آهن.

مملڪتي وزير چيو ته آءِ ايم ايف کي نائين جائزي کي جلد مڪمل ڪرڻ جو چيو ويو آهي، نائين نظرثاني مڪمل ڪرڻ جو وقت تمام گهٽ آهي ۽ اهو اسان لاءِ مسئلو آهي.

هن چيو ته ايم ڊي آءِ ايم ايف اسان کي يقين ڏياريو هو ته نائين جائزي کي جلد مڪمل ڪيو ويندو، اسان جي سمورن دوست ملڪن آءِ ايم ايف کي فنڊ ڏيڻ جو يقين ڏياريو آهي.

عائشه غوث پاشا جو وڌيڪ چوڻ آهي ته بجيٽ ۾ جيڪي به ٽيڪس ڇوٽ ڏنيون ويون آهن ان تي آءِ ايم ايف کي اعتراض نه هوندو، معيشت کي اڳتي وڌائڻ لاءِ ٽيڪس ڇوٽ ڏيڻي پوندي.

Read Previous

قذافي اسٽيڊيم جي آئوٽ فيلڊ مان گاهه مڪمل طور ختم ڪيو ويو

Read Next

حڪومت جو تحريڪ لبيڪ سان ڳالهين جو فيصلو

Most Popular