پي ٽي آءِ وارن چيو ته جماعت اسلامي جي حمايت نه ڪندا، سعيد غني

سنڌ جي محنت ۽ افرادي قوت واري صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي ڪيترن ئي ماڻهن چيو هو ته هو جماعت اسلامي جي حمايت نه ڪندا.

ڪراچي ۾ مرتضيٰ وهاب سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي سعيد غني چيو ته پي ٽي آءِ وارن جيڪي چيو اسان جي غلطي آهي، 9 مئي جي واقعي جي سڄي ملڪ ۾ مذمت ٿي رهي آهي.

سعيد غني جو چوڻ آهي ته هن وقت پي ٽي آءِ جا رڳو 3 ماڻهو جيل ۾ آهن، حڪومت جي ذميواري آهي ته انهن ٽنهي ماڻهن کي پيش ڪري، پيش ڪنداسين.

هن چيو ته اليڪشن ۾ شڪست ڏسي حافظ نعيم پيپلز پارٽي تي بي بنياد الزام لڳائي رهيو آهي.

صوبائي وزير جو چوڻ آهي ته اسان ڪنهن ملڪ دشمن جي در تي ووٽ لاءِ نه وڃي رهيا آهيون، اوهان سڀني کي سمجهايو ته اوهان کي ووٽ ڏين، جماعت اسلامي اندر به اختلاف آهن.

Read Previous

گريڊ 19 تائين پوسٽنگ جا اختيار تعليم ۽ صحت واري وزير کي ڏنا ويا

Read Next

ڀارتي اداڪارا روبينا دليڪ ڪار حادثي ۾ زخمي ٿي پئي

Most Popular