ٽيسٽ چيمپيئن شپ فائنل، ڀارت ۽ آسٽريليا جي ٽيمن تي وڏو ڏنڊ

انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ جي فائنل ۾ سست اوور ريٽ تي ڀارتي ۽ آسٽريليا جي ٽيمن تي سخت ڏنڊ لاڳو ڪري ڇڏيو آهي.

آءِ سي سي چيو آهي ته ڀارتي ٽيم تي مڪمل ميچ فيس جو ڏنڊ لڳايو ويو آهي، هاڻي ڪنهن به ڀارتي رانديگر کي ميچ فيس نه ملندي، جڏهن ته سلو اوور ريٽ تي آسٽريلوي ٽيم تي ميچ فيس جو 80 سيڪڙو ڏنڊ لڳايو ويو آهي.

ڀارتي ٽيم 5 اوور گهٽ ڪيا جڏهن ته آسٽريلوي ٽيم مقرر وقت ۾ 4 اوور گهٽ ڪيا، آءِ سي سي قانون 2.22 موجب سلو اوور ريٽ تي هر رانديگر تي ڏنڊ وڌو ويندو آهي.

ان کان علاوه ڀارتي اوپنر شبمن گل تي به ڏنڊ لڳايو ويو، هن آئوٽ ٿيڻ کانپوءِ امپائر جي فيصلي تي تنقيد ڪئي.

شبمن گل کي آءِ سي سي جي آرٽيڪل 2.4 جي ڀڃڪڙي جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي ميچ فيس جو 15 سيڪڙو ڏنڊ لڳايو ويو آهي.

Read Previous

آئرلينڊ جي ڪرڪيٽر بابر کي پوئتي ڇڏي آءِ سي سي ايوارڊ کٽي ورتو

Read Next

شاهه رخ خان ۽ سلمان خان شعيب اختر کي ڀارتي ميڊيا سان ڪم ڪرڻ جي ڪهڙي صلاح ڏني؟

Most Popular