شاهه رخ خان ۽ سلمان خان شعيب اختر کي ڀارتي ميڊيا سان ڪم ڪرڻ جي ڪهڙي صلاح ڏني؟

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي فاسٽ بالر شعيب اختر انڪشاف ڪيو ته جڏهن هن ڀارتي ميڊيا سان ڪم ڪرڻ شروع ڪيو ته ڪيترن ئي ماڻهن سندس حمايت ڪئي ۽ کيس تمام مفيد مشورا ڏنا.

شعيب اختر تازو ئي هڪ پوڊ ڪاسٽ تي مهمان طور نظر آيو جتي هن ڀارتي ميڊيا ۾ ڪم ڪرڻ جي پنهنجي تجربي بابت ڳالهايو.

هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اسان ترقي ڪري رهيا آهيون پر ميڊيا جي حوالي سان اسان ڀارت کان پوئتي آهيون، اهي اسان کان گهڻو اڳتي آهن.

هن چيو ته ظاهر آهي ته انهن جو اسان کان اڳتي هجڻ جو سبب اهو آهي ته بجيٽ آهي جنهن جي ڪري اهي تربيت ڪن ٿا ۽ انهن جي ملڪ ۾ موجود ٽيلينٽ کي اڳتي آڻين ٿا ، هو هوشيار ماڻهن جي حوصلا افزائي ڪن ٿا.

هن وڌيڪ چيو ته جيو ٽيليويزن مونکي پاڪستاني ميڊيا ۾ اچڻ جو موقعو ڏنو پر اعتماد سان ڳالهائڻ جو هنر مون ڀارت مان ئي سکيو.

شعيب اختر چيو ته ڀارتي ميڊيا جو رويو وڌيڪ پروفيشنل آهي ۽ اهي توهان جي سوچ کان وڌيڪ ادا ڪن ٿا، ممبئي ڪڏهن به نه روڪيو، هو 24 ڪلاڪ ڪم ڪن ٿا.

Read Previous

ٽيسٽ چيمپيئن شپ فائنل، ڀارت ۽ آسٽريليا جي ٽيمن تي وڏو ڏنڊ

Read Next

نيٽو جي تاريخ ۾ سڀ کان وڏي هوائي مشق جرمني ۾ شروع

Most Popular