فضائي گدلاڻ ۽ حياتياتي بقا لاءِ خطرا

هوا جي گدلاڻ ڇا آهي؟ اهو اصل ۾ فضا ۾ مادي جي موجودگي آهي، جيڪي انسانن ۽ ٻين جاندارن جي صحت لاءِ نقصانڪار آهن يا فضائي مادي وسيلن کي تمام گهڻو نقصان پهچائين ٿا.

هوا جي بناوت يا معيار ۾ ڪا به تبديلي ان کي آلوده بڻائي ٿي، اها تبديلي اصل ۾ دونھون ۽ مختلف نقصانڪار ذرن جي ميلاپ سبب ٿيندي آهي، انهن ۾ عام طور تي ڪيميائي ڀاڻ، جراثيمن جي خاتمي لاءِ اسپري، فيڪٽرين، گاڏين ۽ بجلي پيدا ڪرڻ وارن يونٽن ۾ ٻارڻ جو استعمال، سرن جي بٺن مان نڪرندڙ دونھون، زمينن ۾ ڪچرو جمع ٿيڻ، بدقسمتيءَ سان اها فضائي آلودگي خطرناڪ بيمارين جو وڏو سبب سمجهي وڃي ٿي.

انهن ۾ عام طور تي دائمي بيمارين جي فهرست شامل آهي جهڙوڪ ساهه، ڦڦڙن جي بيماري، دل جي بيماري، اسٽروڪ، چمڙي جي بيماري ۽ ڪينسر. عام طور تي ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ جي اضافي سان گرين هائوس اثر پيدا ٿئي ٿو، جنهن جي نتيجي ۾ زمين جي گرمي پد ۾ بتدريج اضافو ٿئي ٿو.

حقيقت ۾ اندرين يا ٻاهرين طريقن سان هوا ۾ ڪي نقصانڪار مادا داخل ٿيڻ سان هوا مڪمل طور تي تبديل ٿي وڃي ٿي، جنهن سبب هوا آلوده ٿي وڃي ٿي ۽ ان هوا ۾ ساهه کڻڻ وقت اسان کي بيشمار مسئلن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو.

فضائي آلودگي جي پيچيده مسئلن ۾ عالمي صحت کي درپيش مسئلن سان گڏوگڏ ماحول ۾ تبديليون ۽ موسمي تبديلين جو وقت کان اڳ ٿيڻ انهن سڀني خطرن جي علامت آهن، جيڪي عالمي سطح تي نه پر پاڪستان ۾ به شروع ٿي چڪيون آهن. بدقسمتيءَ سان پاڪستان ۾ موسمياتي تبديليءَ ۾ گرين هائوس اثر جي لحاظ کان هڪ سيڪڙو کان به گهٽ حصو آهي، جنهن سبب هي ملڪ دنيا جو پنجون غير محفوظ ملڪ قرار ڏنو وڃي ٿو.

موسمياتي تبديليءَ سبب 2022ع جون سخت برساتون ۽ ٻوڏون اڳڪٿي ڪري رهيون هيون ته اسان خطري کان پري ناهيون.

Read Previous

پيرس ۾ پاڪ فوج سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ ”استحکام پاڪستان“ ريلي

Read Next

چيٽ جي پي ٽي جي مدد سان روبوٽ ڊيزائن ڪيو ويو

Most Popular