خيبرپختونخواهه کي ترقي ۽ امن جو ڳڙهه بڻائينداسين: وزيراعظم

وزيراعظم شهباز شريف جو چوڻ آهي ته هو خيبرپختونخواهه کي ترقي ۽ امن جو گهوارو بڻائيندا.

وزيراعظم سان مسلم ليگ (ن) خيبرپختونخواهه جي قيادت اڄ ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ايندڙ چونڊن سميت ملڪ جي موجوده سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

ان موقعي تي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته گذريل حڪومت خيبرپختونخواهه جي ترقي کي مڪمل نظرانداز ڪيو.

هن چيو ته بجيٽ ۾ ضم ٿيل قبائلي ضلعن جي ترقي لاءِ خاص قدم شامل آهن.

هن چيو ته هو صوبي جي عوام کي صحت ۽ تعليم جي منصوبن مان فائدو پهچائڻ کي يقيني بڻائيندو ۽ هوشيار نوجوانن کي آسان شرطن تي قرض ۽ ليپ ٽاپ ڏيندو.

وزيراعظم چيو ته هارين کي معياري ٻج، بروقت ڀاڻ ۽ جديد ٽيڪنالاجي سان ليس ڪيو ويندو.

هن وڌيڪ چيو ته سرحدي ضلعن ۾ واپار لاءِ سهولتون پيدا ڪري معاشي مشڪلاتون دور ڪيون وينديون.

Read Previous

ملڪ جي مختلف شهرن ۾ زلزلي جا لوڏا

Read Next

9 مئي جي وڳوڙن واري ڪيس ۾ شاهه محمود قريشي جي ضمانت منظور

Most Popular