9 مئي جي وڳوڙن واري ڪيس ۾ شاهه محمود قريشي جي ضمانت منظور

اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شاهه محمود قريشي جي 10 هزار رپين جي مچلڪن عيوض ضمانت منظور ڪري ورتي.

شاهه محمود قريشي خلاف ترنول ٿاڻي ۾ 9 مئي تي داخل ٿيل فسادن واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران هو ايڊيشنل سيشن جج طاهر عباس سپرا جي عدالت ۾ پيش ٿيو.

عدالت ترنول ٿاڻي تي داخل ڪيس ۾ شاهه محمود قريشي جي 19 جون تائين ضمانت منظور ڪري ورتي.

ٻڌڻي دوران ايڊيشنل سيشن جج طاهر عباس سپرا وڪيل علي بخاري کان پڇاڻو ڪيو ته ڪالهه ڪٿي هئا؟

وڪيل علي بخاري چيو ته چيف ڪمشنر آفيس درخواست جي معاملي تي مصروف آهي.

جج رمارڪس ڏيندي چيو ته گذريل ڏينهن پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين جي ضمانت واري درخواست تي ڪو به وڪيل پيش نه ٿيو، مان سندس ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي هئي، 19 جون تي ٻين شريڪ جوابدارن جون به ضمانتون مقرر آهن.

وڪيل علي بخاري چيو ته شاهه محمود قريشي قانون جي بالادستي جي ڳالهه ڪري ٿو، ڪو مسئلو ناهي.

Read Previous

خيبرپختونخواهه کي ترقي ۽ امن جو ڳڙهه بڻائينداسين: وزيراعظم

Read Next

ايندڙ مالي سال پاڪستان ۽ عوام جي آمدني ۾ واڌ جو سال ثابت ٿيندو: وزيراعظم

Most Popular