ڪراچي ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ شبنم جهانگير ايئرپورٽ تان گرفتار

پي ٽي آءِ وومين ونگ جي اڳواڻ شبنم جهانگير کي ڪراچي ايئرپورٽ تان حراست ۾ ورتو ويو.

ايئرپورٽ ذريعن موجب شبنم جهانگير کي اميگريشن ڪائونٽر تي حراست ۾ ورتو ويو، شبنم جهانگير جو نالو ايف آءِ اي جي اسٽاپ لسٽ ۾ آهي.

شبنم جهانگير ڪراچي ۾ 9 مئي سانحي جي ڪيسن ۾ گهربل آهي.

ٻئي طرف پي ٽي آءِ ساهيوال جي صدر رانا آفتاب احمد خان کي به ڪرپشن جي الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي.

راڻا آفتاب تي غيرقانوني هائوسنگ اسڪيم ٺاهي عوام کي ڦرڻ جو الزام آهي.

Read Previous

ايندڙ مالي سال پاڪستان ۽ عوام جي آمدني ۾ واڌ جو سال ثابت ٿيندو: وزيراعظم

Read Next

سنڌ يونيورسٽي ۾ پروفيسر ڊاڪٽر جاويد احمد چانڊيو فيڪلٽي ڊين مقرر

Most Popular