شام ۾ آمريڪي فوجي هيلي ڪاپٽر ڪري تباهه، 22 اهلڪار زخمي

آمريڪي فوج جي سينٽرل ڪمانڊ (سينٽ ڪام) تصديق ڪئي آهي ته سندن هڪ هيلي ڪاپٽر شام ۾ ڪري تباهه ٿي ويو، جنهن ۾ 22 اهلڪار زخمي ٿي پيا.

حادثي ۾ زخمي ٿيل 10 ڄڻن کي علاج لاءِ وڏين اسپتالن ۾ منتقل ڪيو ويو آهي.

حادثو 11 جون تي پيش آيو، سينٽ ڪام موجب حادثي جو ڪارڻ معلوم ڪرڻ لاءِ جاچ جاري آهي.

ياد رهي ته شام ۾ 900 آمريڪي فوجي اهلڪار مقرر آهن جيڪي داعش جي باقيات خلاف آپريشن ۾ حصو وٺندا آهن.

Read Previous

ڪيٽي بندر جي 13 هزار آبادي خطري ۾ آهي: سنڌ جو وڏو وزير

Read Next

فلسطيني صدر محمود عباس چئن ڏينهن جي دوري تي چين پهچي ويو

Most Popular