فلسطيني صدر محمود عباس چئن ڏينهن جي دوري تي چين پهچي ويو

فلسطيني صدر محمود عباس چئن ڏينهن جي دوري تي چين پهچي ويو آهي، جتي هو پنهنجي چيني هم منصب شي جن پنگ سان ملاقات ڪندو.

محمود عباس جو چين جو هي پنجون دورو آهي، هو اعليٰ چيني قيادت سان ملاقات ڪندو.

فلسطيني خبر رساں ايجنسي وفا موجب محمود عباس ۽ شي جن پنگ فلسطين سميت گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندا.

چيني پرڏيهي وزارت جي ترجمان وينگ ون بن چيو ته صدر عباس پراڻو دوست آهي، هو چيني عوام جو سٺو دوست آهي.

ياد رهي ته بيجنگ روايتي طور تي اسرائيل-فلسطين تڪرار ۾ ٻه رياستي حل جي حمايت ڪندو آهي.

صدر محمود عباس فلسطيني پرڏيهي وزير رياض المالڪي سان گڏ آهي جنهن پنهنجي چيني هم منصب سان ملاقات ڪئي.

Read Previous

شام ۾ آمريڪي فوجي هيلي ڪاپٽر ڪري تباهه، 22 اهلڪار زخمي

Read Next

بادشاهه چارلس شهزادي ليليبيٽ کي سالگره جي مبارڪ ڇو نه ڏني؟

Most Popular