
انگلينڊ جي اڳوڻي ڪپتان ۽ مبصر ناصر حسين چيو آهي ته ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ جي فائنل ۾ ڀارتي بيٽسمينن مايوس ڪيو.
هن ڀارتي بيٽسمينن کي صلاح ڏني ته ڀارتي ٽاپ آرڊر بيٽسمين کي بابر اعظم ۽ وليمسن کان فاسٽ بالرن جي سوئنگ کيڏڻ سکڻ گهرجي.
ناصر حسين چيو ته ڪين وليمسن ۽ بابر اعظم ٻئي پيسر دير سان کيڏندا آهن.
واضح رهي ته ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ جي فائنل ۾ آسٽريليا ڀارت کي 209 رنسن جي وڏي مارجن تان شڪست ڏني هئي.
ڀارت ان کان اڳ ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ جي فائنل ۾ نيوزيلينڊ کي شڪست ڏني هئي.