ڪراچي جي ميئر جي چونڊ کان اڳ پ پ ۽ جماعت اسلامي ۾ لفظي جنگ

ڪراچي جو ميئر ڪير ٿيندو؟ ميئر جي چونڊ کان اڳ پيپلز پارٽي ۽ جماعت اسلامي وچ ۾ لفظي جنگ جاري آهي.

جماعت اسلامي جي ميئر جي اميدوار حافظ نعيم الرحمان مطالبو ڪيو ته اليڪشن کان اڳ ئي ان کي ڪالعدم ڪيو وڃي.

حافظ نعيم الرحمان چيو ته اهڙي اليڪشن جنهن ۾ ماڻهن کي اچڻ نه ڏنو وڃي، ان کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي، جمهوريت ۽ قانون اهو آهي ته 193 ماڻهن کي حڪومت ٺاهڻ ڏيو.

سنڌ جي مڪاني ادارن واري وزير ناصر حسين شاهه چيو آهي ته حافظ نعيم الرحمان ذهني طور تي ميئر بڻجي ويو آهي، وٽس اڪثريت ناهي، پي ٽي آءِ ڪيئن جماعت اسلامي جي حمايت ڪندي.

ناصر حسين شاهه چيو ته 9 مئي کانپوءِ مرڪزي اڳواڻ چيئرمين پي ٽي آءِ جو ساٿ ڇڏي ويا ته پوءِ هي ته وري به يوسيز چيئرمين آهن.

واضح رهي ته ميئر ڪراچي جي چونڊ لاءِ پولنگ سڀاڻي صبح 11 وڳي آرٽس ڪائونسل آڊيٽوريم ۾ ٿيندي.

Read Previous

ناصر بٽ جي نوازشريف سان اهم ملاقات، هدايتون وٺي ايندڙ هفتي واپس ورندو

Read Next

ڪراچي جي ڪهڙن علائقن ۾ سمنڊ جو پاڻي داخل ٿيڻ جو خطرو آهي؟

Most Popular