حيدرآباد جا ميئر ۽ ڊپٽي ميئر بنا مقابلي چونڊجي ويا

سنڌ جي ٻئي وڏي شهر حيدرآباد جو ميئر ۽ ڊپٽي ميئر بنا مقابلي چونڊجي ويا. نون چونڊيل ميئر ۽ ڊپٽي ميئر جو تعلق پيپلز پارٽي سان آهي.

اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته ڪاشف شورو حيدرآباد جو ميئر ۽ صغير قريشي ڊپٽي ميئر چونڊجي ويو آهي.

اليڪشن ڪميشن حيدرآباد جي ميئر ۽ ڊپٽي ميئر جي بلدياتي چونڊ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي.

صوبائي وزير سعيد غني حيدرآباد جي نئين چونڊيل ميئر ۽ ڊپٽي ميئر کي بنا مقابلي چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏني آهي.

ڪراچي ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن (ڪي ايم سي) جي ميئر ۽ ڊپٽي ميئر جي چونڊ لاءِ پولنگ اسٽيشن تبديل ڪئي وئي.

ڪراچي جي ميئر ۽ ڊپٽي ميئر جي چونڊ لاءِ پولنگ اسٽيشنون تبديل ڪيون ويون آهن، طوفان بپرجوئي سبب ڪراچي جي ميئر ۽ ڊپٽي ميئر جي چونڊ لاءِ پولنگ اسٽيشن تبديل ڪئي وئي آهي.

اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان موجب چونڊون هاڻي پاڪستان آرٽس ڪائونسل جي آڊيٽوريم ۾ ٿينديون.

اليڪشن ڪميشن جي اعلان موجب اڳ ۾ پولنگ اسٽيشن ايم سي هال ايم اي جناح روڊ تي رکي وئي هئي.

اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جو اهو به چوڻ آهي ته ڪراچي ۾ امڪاني تيز برساتن سبب 15 جون تي پولنگ اسٽيشن تبديل ڪئي وئي آهي.

واضح رهي ته ڪراچي جي ميئر ۽ ڊپٽي ميئر جي چونڊ سڀاڻي 15 جون تي ٿيندي.

Read Previous

ڪراچي جي ڪهڙن علائقن ۾ سمنڊ جو پاڻي داخل ٿيڻ جو خطرو آهي؟

Read Next

آمريڪا کي چين جي گهرو معاملن ۾ مداخلت بند ڪرڻ گهرجي، چيني پرڏيهي وزير

Most Popular